سنڌ ۾ پرائمري اسڪولن لاءِ آن لائين ايجوڪيشن متعارف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي پرائمري اسڪولن لاءِ آن لائن ايجوڪيشن متعارف ڪرائي ڇڏي.

سنڌ جي تعليم کاتي موجب ڪي جي کان پنجين ڪلاس تائين شاگردن کي آن لائين ايجوڪيشن ڏني ويندي، جنهن لاءِ ايس اي ايل ڊي لرننگ نالي ايپ تيار ڪئي وئي آهي.

تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته يونيسيف ۽ مائيڪرو سافٽ جي مدد سان آن لائن ايجوڪيشن جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي.

تعليم کاتي موجب رياضي، سائنس، انگلش ۽ اردو جا مضمون آن لائين پڙهايا ويندا، آن لائين ڪورس انگريزي، اردو ۽ سنڌي ۾ موجود آهن، جڏهن ته ڇهين کان ٻارهين ڪلاس جي شاگردن جي آن لائن ايجوڪيشن تي اڃا ڪم هلي رهيو آهي.

واضح رهي ته ڪورونا وائرس سبب مارچ جي شروع ۾ ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪيا ويا هئا ۽ هاڻ انهن جي بندش ۾ 15 جولاءِ تائين واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ان وچ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر سميت او ۽ اي ليول جا ساليانا امتحان به رد ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.