شعيب اختر جو ايف آءِ اي ۾ پيش نه ٿيڻ جو فيصلو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڪرڪيٽر شعيب اختر ايف آءِ طرفان طلبي نوٽيس تي پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وفاقي جاچ ايجنسي طرفان طلبي نوٽيس تي شعيب اختر پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪندي نوٽيس موڪليندڙ انسپيڪٽر خلاف ايڪشن کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

وڪيل ابوذر سلمان نيازي جي معرفت ڊي جي ايف آءِ اي کي لکيل خط ۾ شعيب اختر موقف اختيار ڪيو آهي ته انسپيڪٽر وقاص ڪهڙي بنياد تي مون کي پيش ٿيڻ جو چيو آهي، ان حوالي سان ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي.

واضح رهي ته شعيب اختر کي ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم ونگ طلبي نوٽيس جاري ڪيو هو.

ذريعن موجب طلبي نوٽيس ۾ شعيب اختر کي 5 جون جي صبح 11 وڳي پيش ٿيڻ جو چيو ويو آهي.

ياد رهي ته پي سي بي جي قانوني صلاحڪار تفضل رضوي ايف آءِ اي ۾ شعيب اختر خلاف درخواست داخل ڪرائيندي موقف موقف اختيار ڪيو آهي ته شعيب اختر سوشل ميڊيا تي منهنجي خلاف غلط ٻولي جو استعمال ڪيو.

درخواست ۾ تفضل رضوي چيو آهي ته شعيب اختر منهنجي ساک کي نقصان پهچايو ۽ ڪيريئر کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

واضح رهي ته شعيب اختر ڪرڪيٽر عمر اڪمل کي سزا جي فيصلي تي پي سي بي ۽ تفضل رضوي کي تنقيد جو نشانو بڻايو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.