گرينڊ هيلٿ الائنس سنڌ حڪومت اڳيان مطالبا رکي ڇڏيا، نه مڃڻ جي صورت ۾ هڙتال جي ڌمڪي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گرينڊ هيلٿ الائنس مطالبا نه مڃڻ جي صورت ۾ 11 جون کان سڄي سنڌ ۾ او پي ڊيز جي بائيڪاٽ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.

گرينڊ هيلٿ الائنس پنهنجي مطالبن جي منظوري لاءِ سنڌ حڪومت کي 8 جون تائين الٽيميٽم ڏنو آهي ۽ ڊاڪٽرن، نرسن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف 11 جون کان سڄي صوبي ۾ مڪمل هڙتال جو اعلان ڪيو آهي.

جناح اسپتال ۾ ٻارن جي مرضن لاءِ قومي اداري ۾ ينگ ڊاڪٽرز ايوسيئيشن، نرسن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي پنهنجي 13 نڪاتي ايجنڊا پيش ڪئي.

گرينڊ هيلٿ الائنس جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر محبوب نوراني جو چوڻ هو ته لاڪ ڊائون کولڻ سان عوام ۽ هيلٿ ورڪرز ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، سنڌ ۾ هيلٿ ورڪرز کي حفاظتي سامان سميت ڪا سهولت ناهي ڏني وئي.

هنن مطالبو ڪيو ته پيرا ميڊيڪل اسٽاف لاءِ آئسوليشن سينٽر قائم ڪيو وڃي، جڏهن ته ڊيوٽي دوران فوت ٿيندڙ هيلٿ ورڪرن کي شهيد پيڪيج ڏنو وڃي.

پي ايم اي جي ميمبر ڊاڪٽر محمد خان شر چيو ته سنڌ حڪومت هيلٿ ورڪرز کي ڦاهو چاڙهي رهي آهي، ڊبليو ايڇ او جي اصولن تي عمل نه پيو ٿئي.

ان موقعي تي نرسن به پنهنجا مطالبا پيش ڪندي چيو ته کين پروفيشنل هيلٿ الائونس ڏنو وڃي.

گرينڊ هيلٿ الائنس جي ذميوارن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت مطالبا منظور نه ڪيا ته 8 جون کان 3 ڏينهن تائين ٽوڪن هڙتال ڪئي ويندي، جڏهن ته 11 جون کان او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو ۽ هر شهر ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.