جاپان ڪورونا ويڪسين جي تياريءَ لاءِ 30 ڪروڙ ڊالر ڏيندو

 

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان سڄي دنيا ۾ ڪورونا کان بچاءَ لاءِ ويڪسين تيار ڪرڻ جي ڀرپور ڪوششن ۾ اڳڀرو آهي ۽ ان ڪم لاءِ هن هڪ عالمي اداري کي 30 ڪروڙ ڊالر ڏيڻ جو به اعلان ڪيو آهي.

اها ڳالهه اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي، جڏهن گاوي، ويڪسين الائنس عالمي برادري ويڪسين تيار ڪرڻ لاءِ ۽ ڪورونا سان ويڙهه لاءِ فنڊ ڏيڻ تي زور ڀريو آهي.

ان کان اڳ به جاپاني حڪومت ان اداري کي 10 ڪروڙ ڊالر ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر هاڻ جاپاني حڪومت امداد ۾ 20 ڪروڙ ڊالرن جو اضافو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

4 جون خميس ڏينهن الائنس جي اجلاس ۾ جاپاني وزيراعظم آبي شنزوڪا هڪ ويڊيو بيان ۾ مالي سهائتا ڪرڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو.

ياد رهي ته جاپاني حڪومت جو ظاهري طور مقصد 2020 ٽوڪيو اولمپڪ گيمز کي يقيني بڻائڻ لاءِ ويڪسين جي تياري ۽ ان جي استعمال ۾ سڄي دنيا جي مدد ڪرڻ آهي.

اولمپڪس مقابلا هڪ سال لاءِ ملتوي ڪيا ويا هئا، جيڪي هاڻ ايندڙ سال ۾ ٿيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.