ايران ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ اوچتو رڪارڊ واڌ

 

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ اوچتو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

ايراني اختيارين موجب ملڪ ۾ خميس ڏينهن ڪورونا وائرس جا 3 هزار 557 نوان ڪيس رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن.

ايران ۾ فيبروري کان اها وبا پکڙجڻ کانپوءِ اتي ڪنهن به ڏينهن ۾ ڪووڊ 19 جي ڪيسن جو اهو سڀ کان وڏو آهي.

ٻڌايو ويو آهي ته مسلسل ٽئين ڏينهن به هر ڏينهن 3 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس سامهون آيا اهن.

صحت کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ان وائرس سبب 59 ڄڻا فوت پڻ ٿيا.

واضح رهي ته گذريل هفتي نون ڪيسن ۾ گهٽتائي کانپوءِ ايران ۾ لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪئي وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.