”صحت واري وزارت عدالت ۽ عوام سان کيڏي رهي آهي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته صحت واري وزارت عدالت ۽ عام عوام سان کيڏي رهي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس سبب ڊاڪٽرن جي ٻڌڻي هيٺ ڪيسن بابت آرڊر جاري نه ڪرڻ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

درخواست گذار جي وڪيل چيو ته صحت واري وزارت ۾ سيڪشن آفيسر سڀ کان مٿي آهي، اهو ئي سمورا معاملا هلائيندو آهي.

چيف جسٽس آرڊر جاري نه ڪرڻ تي صحت واري وزارت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي صحت سيڪريٽري کي 12 جون تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته هن وقت ڊاڪٽرن پنهنجون زندگيون داءَ تي لڳائي ڇڏيون آهن، توهان ڪورونا جي صورتحال ۾ ڊاڪٽرن کي ڇو ڊسٽرب ڪري رهيا آهيو؟

هن چيو ته صحت جي وزارت عدالت ۽ عام عوام سان کيڏي رهي آهي، ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ غير معمولي حالتن ۾ به وزارت جو رويو غير سنجيده آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڊاڪٽر ڪورونا سان وڙهندڙ فرنٽ لائن سپاهي آهن، سڄي دنيا پنهنجي ڊاڪٽرن کي سليوٽ ڪري رهي آهي، هتي صحت واري وزارت ڊاڪٽرن کي عدالتن جا چڪر لڳائڻ تي مجبور ڪري رهي آهي.

پمز اسپتال جي نمائندي چيو ته مون کي ڪجهه ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو وڃي، جنهن تي جسٽس اطهر من الله چيو ته اهو توهان جو نه، صحت واري وزارت جو ڏوهه آهي.

چيف جسٽس چيو ته عدالت ڊاڪٽرن جي ڪيسن ۾ فيصلو ڏيڻ کان پاسو ڪيو ته جيئن اهي ڊسٽرب نه ٿين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.