ڪورونا وائرس: سنڌ جي وڏي وزير مهاڻن تي پابندي هڪ مهيني لاءِ ختم ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪووڊ-19 جي ڪري مهاڻن تي لڳل پابندي سائيڪلونز مان متاثر مهاڻن کي ريليف ڏيڻ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

وڏي وزير هائوس مان جاري بيان موجب سنڌ جي وڏي وزير مهاڻن کي ريلي ڏيڻ جي لاءِ جون ۾ پابندي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

سيد مراد علي شاهه سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر قادر پٽيل سي ايم هائوس ۾ ملاقات ڪئي جتي مهاڻن تي لڳل پابندي ختم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو.

قادر پٽيل سي ايم هائوس کي آگاهه ڪيو ته مهاڻا گذريل 10 مهينن کان سائيڪلونز جي ڪري سخت ڏکيائين جو شڪار هئا اهڙي صورتحال ۾ ڪورونا وائرس آيو ۽ هاڻ ٻن مهينن کان پابندي کي منهن ڏئي.

هن چيو ته انهن حالتن ۾ مهاڻن کي پنهنجي زندگي گذارڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو حالتن کان آگاهه آهي ان ڪري مهاڻن جي لاءِ ريليف فراهم ڪيو ويندو.

هن مهاڻن بابت سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته جون ۾ مڇي جي شڪار تي پابندي ختم ڪرڻ جي سمري بڻائي جيئن لاڪ ڊائون ۾ نرمي سبب مهاڻ به پنهنجو ڪم شروع ڪري پنهنجي وارثن جو پيٽ پالي سگهن ٿا.

سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان مهاڻن جي مفاد جو تحفظ هميشه ترجيحي بنيادن تي ڪيو آهي.

هن چيو اسان مهاڻن سميت معاشري جي ٻين شعبن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين ۽ اسان جي حڪومت ان بحران مان نڪرڻ جي لاءِ هنن سان سهڪار ڪندي.

ڪراچي ۾ وڌيڪ 1035 ڪيس:

سنڌ جي وڏي وزير ڪورونا وائرس جي روزاني واري رپورٽ کان آگاهه ڪندي چيو ته صوبي ۾ وڌيڪ 1439 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 23 ڄڻا فوت ٿيا.

هن چيو ته صوبي ۾ هڪ ڏينهن ۾ 5 هزار 454 ٽيسٽ جا نمونا ورتا ويا هئا جنهن مان هڪ هزار 439 مثبت آيا آهن جيڪي 26.4 سيڪڙو آهي.

سندس چوڻ هو ته حڪومت هن وقت تائين گڏيل طور تي 1 لک 92 هزار 546 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 31 هزار 86 مثبت آيون.

وڏي وزير چيو ته ڪورونا وائرس جي هن وقت تائين جي شرح 16.2 سيڪڙو آهي جڏهن ته هن وقت تائين 26.4 سيڪڙو آهي.

ڪورونا وائرس جي ڪري فوتگين بابت آگاهه ڪندي هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 فوتگيون ٿيون جنهن کان پوءِ گڏيل انگ 526 ٿي چڪو آهي.

سندس چوڻ هو ته صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن موجب فوتگين جي شرح 1.7 سيڪڙو آهي.

مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ فوتگين جي شرح ۾ واڌ ٿي آهي جيڪا پهرين 1.6 سيڪڙو هئي جڏهن ته 358 ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن مان 64 هن وقت وينٽي ليٽر تي موجود آهن.

هن چيو ته هن وقت تائين 15 هزار 22 ماڻهو علاج هيٺ آهن، 13 هزار 813 ماڻهو گهرن ۾ آئسوليشن ڪيا آهن، 111 آئسوليشن مرڪز ۽ 1098 مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.

سندس چوڻ هو ته 953 ماڻهو گذريل 24 ڪلاڪن دوران صحتياب ٿي ڊسچارج ٿيا آهن جيڪا حوصلي جوڳي ڳالهه آهي ۽ هن وقت تائين 15 هزار 538 متاثر صحتياب آهن ۽ اِها شرح 50 سيڪڙو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.