ڳڙهي ياسين: هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ، پيرسن قتل

عوامي آواز رپورٽ
ڳڙهي ياسين: هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ، پيرسن قتل
عوامي آواز رپورٽ ڳڙهي ياسين: هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ، پيرسن قتل

ڳڙهي ياسين ڀرسان اڻ ڃاتل موٽرسائيڪل هٿياربندن ڪار مٿان فائرنگ ڪري پيرسن کي قتل ڪري ڇڏيو.

ڊکڻ ٿاڻي جي حد دڙي جاکري اسٽاپ وٽ ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڪار ۾ويٺل  ڳڙهي ياسين جي رهواسي اڳوڻي اشتياق خان پٺاڻ مٿان فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تعلقه اسپتال ڳڙهي ياسين منتقل ڪيو جتي لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

ايس ايڇ او ڊکڻ ليمو لاشاري ٻڌايو ته هن وقت  تائين واقعي جا ڪارڻ معلوم ناهن ٿي سگھيا جنهن ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.