صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو

عوامي آواز رپورٽ
صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو
عوامي آواز رپورٽ صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو

سنڌ جو ڪچي آبادي وارو وزير غلام مرتضيٰ بلوچ ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب تصديق ڪندي ٻڌايو ته غلام مرتضيٰ بلوچ ٻه هفتا اڳ ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيو هو ۽ نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جتي کيس وينٽي ليٽر تي منتقل ڪيو ويو هو.

غلام مرتضيٰ بلوچ صوبائي حڪومت طرفان ملير ۾ ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ٺاهيل ٽاسڪ فورس جو انچارج پڻ هو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صوبائي وزير جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته غلام مرتضيٰ بلوچ لاڪ ڊائون جي ڏينهن ۾ عوامي خدمت جو سلسلو جاري رکيو، هو هر دور ۾ پ پ سان گڏ بيٺل رهيو.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته مرتضيٰ بلوچ محنتي ۽ بهادر ڪارڪن هو، ان جي کوٽ ڪڏهن به پوري نه ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.