پنجاب ۾ لاڪ ڊائون بابت نئون نوٽيفڪيشن جاري

لاهور(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ۽ صوبائي ڪابينا جي سفارشن جي روشني ۾ پنجاب جي صحت کاتي لاڪ ڊائون بابت نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر پنجاب جي سيڪريٽري ريٽائرڊ محمد عثمان طرفان جاري نوٽيفڪيشن جي موجب تعليمي ادارا، شاهدي هال، پارڪ ۽ سينيما هال بند رهندا.

پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر پنجاب جي سيڪريٽري طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب واپاري ماڳ صبح 9 وڳي کان شام 7 وڳي تائين سومر کان جمعي تائين کليل رهندا.

جاري نوٽيفڪيشن موجب ميڊيڪل اسٽورز، اٽي جي چڪي، تندور ۽ زرعي ورڪشاپس 24 ڪلاڪ کليل رهندا. ڪال سينٽر کي 50 سيڪڙو اسٽاف سان کليل رکڻ جي اجازت هوندي.

ڪيپٽن ريٽائرڊ محمد عثمان جو چوڻ آهي ته ضلعي ٽرانسپورٽ 24 ڪلاڪ هلڻ جي اجازت هوندي.

گروسري ۽ ڪرياني جا اسٽور صبح 9 وڳي کان شام 7 وڳي تائين سڄو هفتو کليل رهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.