منهنجي ۽ سائرا جي عليحدگيءَ جو سبب صدف ناهي: شهروز سبزواري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تازو ماڊل صدف ڪنول سان شادي ڪندڙ اداڪار شهروز سبزواري مداحن طرفان تنقيد تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.

اداڪار شهروز سبزواري ۽ من موهڻي ماڊل صدف ڪنول جي شادي جي خبر جيئن ئي سوشل ميڊيا جي زينت بڻي ته واهيپدارن طرفان تنقيد ۽ الزامن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو.

ٻنهي جي شادي جي خبر ٻڌندي ئي سوشل ميڊيا واهپيدارن غير معمولي ردعمل جو اظهار ڪيو ۽ هنن شهروز ۽ سائرا ۾ طلاق جو ذميوار صدف کي قرار ڏنو، ان سان گڏوگڏ مداحن سائرا سان همدردي جو اظهار پڻ ڪيو.

ٽوئيٽر تي صدف ۽ شهروز جو نالو ٽاپ ٽرينڊ بڻيل رهيو ۽ ٻنهي تي تنقيد جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي، جنهن تي اداڪار شهروز سبزواري چُپ نه رهي سگهيو.

شهروز سبزواري انسٽاگرام تي جاري هڪ ويڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته جيڪو ڪجهه منهنجي باري ۾ ۽ منهنجي خاندان بابت چيو پيو وڃي، اهو برداشت جوڳو ناهي، مان ساک طور چوان ٿو ته منهنجي ۽ سائرا جي عليحدگي جو سبب صدف سميت ڪا عورت يا بي وفائي ناهي.

هن الزام هڻندڙن کي چئلينج ڪندي چيو ته جيڪو به چئي رهيو آهي ڪنهن عورت سبب مان سائرا کي طلاق ڏني آهي ته اهو سامهون اچي ثبوت ڏئي.

سندس چوڻ هو ته مان ۽ سائرا ڀرپور ڪوشش ڪئي ته رشتو نه ٽٽي پر اسان جي ذاتي سببن جي ڪري عليحدگي ٿي، جيڪي اسان حل نه ڪري سگهياسين، مان سائرا کي طلاق ڏيڻ نه پئي چاهي، اهو ئي سبب آهي ته اسان جو رشتو عزت ۽ احترام سان ختم ٿيو.

شهروز سبزواري چيو ته هيءَ ويڊيو ٺاهڻ جو هڪ مقصد منهنجي ڌيءُ به آهي، جيڪا مستقبل ۾ جيڪڏهن اهڙا افواهه ٻڌي مون کان جواب طلب ڪري ته مان کيس ٻڌائي سگهان ته ان جي جواب ۾ مان هيءَ ويڊيو ٺاهي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.