آمريڪا ڀارت – چين ڇڪتاڻ کي چيني جارحيت جو نتيجو قرار ڏئي ڇڏيو

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ڀارت ۽ چين وچ ۾ سرحد تي ڇڪتاڻ کي چيني جارحيت جو نتيجو قرار ڏيندي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.

آمريڪي ڪانگريس ۾ پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي سربراهه جو چوڻ هو ته چين هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه جو مظاهرو ڪري رهيو آهي ته هو عالمي قانونن تحت تڪرارن کي حل ڪرڻ بدران پنهنجي پاڙيسرين تي رعب ڄمائي سگهي ٿو.

واضح رهي ته گذريل تقريبن ٽن هفتن کان ڀارت ۽ چين جون فوجون اتر اوڀر رياست سڪم ۽ لداخ جي سرحدي علائقن ۾ آمهون سامهون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.