شهباز شريف جو نيب ڪيس ڏاڍو خراب آهي…!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ نواز جي صدر شهباز شريف جو نيب بابت ڪيس گهڻو خراب آهي.

قومي احتساب بيورو (نيب) لاهور طرفان شهباز شريف جي گهر تي ناڪام ڇاپي تي تبصرو ڪندي هن چيو ته شهباز شريف لنڊن مان واپس هيرو بڻجڻ جي لاءِ آيو هو. انشاءَ الله گرفتاريون ٻه طرفيون هونديون.

شيخ رشيد چيو ته شڪر آهي ته ن ليگي اڳواڻ مريم نواز ٻن ٽن ڏينهن کان ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻڌايو وڃي ته مريم نواز 6 مهينن کان ڇو چپ هئي.

هن چيو ته 1985ع کان وٺي هن وقت تائين جا سمورا ڪيس ڏسنداسين. اٽي ۽ ڪڻڪ وارا هاڻ پڪڙبا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.