”ن ليگ سرڪس کان نه ڊڄندي، ڄمي مقابلو ڪنداسين“

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب نيب جي ڪارروائي کي بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏيندي الزام هنيو آهي ته سڄي ڪارروائي عمران خان جي حڪم تي ٿي رهي آهي. هن چيو ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ کان سڄي قوم واقف آهي.

ميڊيا جي رپورٽن موجب ن ليگ جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته ن ليگ ان سرڪس کان نٿا ڊڄون.

هن جي دعويٰ هئي ته هنوقت ماڊل ٽائون ۾ ڪرفيو لاڳو آهي ۽ ن ليگي ورڪرن تي لٺبازي ڪئي پئي وڃي.

ن ليگي ترجمان چيو ته ميان شهباز شريف نيب جي سڄي ڪارروائي جو حصو بڻيل آهي. هن چيو ته سڀاڻي هاءِ ڪورٽ ۾ شهباز شريف جي درخواست جي ٻڌڻي ٿيندي.

مريم اورنگزيب چيو ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير نيب کي ٻڌايو آهي ته نيب جي آفيسرن کي ڪورونا وائرس آهي. سندس چوڻ هو ته اِهي ڪارروائيون بدنيتي تي ٻڌل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.