ٽوئيٽ شيڊيول ڪرڻ جو طريقو

سماجي رابطن ۽ مائڪرو بلاگنگ جي ويب سائيٽ ثوئيٽر پنهنجي واهپيدارن لاءِ فيس بڪ جهڙو شيڊيول فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو.

ٽوئيٽر طرفان متعارف ڪرايل شيڊيول ڊرافٽ فيچر کي استعمال ڪندي واهپيدارن هاڻ پنهنجي ٽوئيٽ کي مقرر وقت تي شيئر ڪري سگھندا.

ڪمپني واهپيدارن جي شڪايتن کي نظر ۾ رکندي هنن لاءِ ايپ ۽ ويب سائيٽ تي شيڊيول جو آپشن شامل ڪيو آهي. ان کان اڳ واهپيدارن کي ٽوئيٽ شيڊيول ڪرڻ لاءِ ٿرڊ پارٽي ايپ جهڙوڪ “ٽوئيٽ ڊيڪ” جو استعمال ڪرڻو پوندو هو.

شيڊيول ۽ ڊرافٽ فيچر کي گذريل سال نومبر ۾ آزمائش لاءِ متعارف رڪرايو ويو هو جنهن جو تجربو ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ هاڻ اها سهولت واهپيدارن کي فراهم ڪئي وئي آهي.

ان فيچر کي استعمال ڪندي هاڻ واهپيدار پنهنجي پيغام کي پنهنجي مرضي موجب شيڊيول ڪري سگھن ٿا.

جيڪڏهن ڪو واهپيدار پنهنجي ٽوئيٽ کي رات جو پوسٽ چاهي ٿو ته ان فيچر ذريعي هو پنهنجو پيغام لکڻ کان پوءِ گھڙيءَ جي نشان تي ڪلڪ ڪندو ته ان جي آڏو وقت ۽ تاريخ نظر ايندي.

واهپيدار اتي جيڪو وقت ۽ تاريخ مقرر ڪندو ان جو ٽوئيٽ انهيءَ وقت ٽائيم لائين تي شيئر ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.