حڪومت جو وڏو فيصلو، پاڪستان ۾ ننڍي عمر جا نوجوان سگريٽ نه وٺي سگهندا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت 18 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن کي سگريٽ وڪرو ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪندي درخواست ڪئي آهي ته شهري ايندڙ نسلن جي صحت ۽ ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

تماڪ جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ تماڪ نه واپرائڻ جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، اڄوڪي ڏنهن جو موضوع نوجوانن کي تماڪ جي صنعت ۾ جڙڻ کان بچائڻ آهي، اسان جو مقصد نوجوانن کي تماڪ ۽ نيڪوٽين جي استعمال کان روڪڻ آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ تماڪ جو استعمال صحت جي شعبي ۾ وڏو چئلينج آهي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت وڏي اڳڀرائي ڪئي آهي، صحت واري وزارت تماڪ ڪنٽرول لاءِ قومي پاليسي جو مسودو تيار ڪيو آهي، تماڪ ٽيڪس سڌارن ۾ 24 اربن جي رقم جي عمل جوڳي تجويز پيش ڪئي آهي، ٽيڪس جي واڌو آمدني عوام جون زندگيون بچائڻ لاءِ استعمال ٿيندي.

سندس چوڻ هو ته 18 ورهين کان گهٽ عمر جي ماڻهن کي سگريٽ جي وڪري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، منهنجي اپيل آهي ته شهري ايندڙن نسلن جي صحت ۽ ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.