محرابپور ڀرسان تازي ڄاول ٻارڙي جو شاخ مان لاش هٿ

ڪنڊيارو ( ن ع آ ) محراب پور ڀرسان اوڌو شاخ مان  نئين ڄاول نينگري جو لاش هٿ آيو آھي،لاش ڏسي حد جي محراب پور پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، جنهن بعد پوليس پهچي معصوم نينگري جو لاش محراب پور اسپتال پهچايو، جتان جي انتظاميا ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي نينگري جي لاش جو معائنو ڪرائڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، تنهن بعد پوليس نينگري جي لاش کي هالاڻي اسپتال آندو اتان به پوليس کي جواب ڏنو ويو ۽ ان بعد نينگري جي لاش کي ڪنڊيارو سول اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد پوليس نينگري جو لاش ايدهي انتظاميا حوالي ڪري ڇڏيو جن لاش کي ڪنڊيارو جي مهيسر مقام ۾ دفنائي ڇڏيو۔ٻڌايو پيو وڃي ته لاش مليل نئين ڄاول معصوم نينگري کي ٻاراڻا ڪپڙا به پهريل هئا جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته نينگري کي ڄمڻ کان ڪافي ڪلاڪن بعد شاخ ۾ اڇلايو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.