ٽنڊي مير علي ويجهو خودڪشي ڄاڻايل نينگر جي قبرڪشائي

ٽنڊوميرعلي (ن ع آ) ٽنڊو مير علي چوڪي جي حد ڳوٺ جاڙو ملاح ۾ ڇهھ مھينا اڳ وارثن پاران خودڪشي قرار ڏنل نينگر جي ماءُ جي درخواست تي 8 سالا نينگر معراج شر جي قبر ڪُشائي ڪري جزا ورتا ويا،جڏھن ته اُن وقت وارثن پاران نينگر جي موت کي خودڪشي قرار ڏنو ھو جنھن تي ايس ايس پي خيرپور پاران نوٽيس وٺي نينگر جي والد مُحمد علي شر ۽ سندس ٻن چاچن ممتاز علي ۽ مقصود علي شر مٿان نينگر کي قتل ڪرڻ جو پيروسڻ ٿاڻي تي سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو، جڏھن ته ڪجهھ عرصي بعد نينگر جي وارثن کي انڪواري تحت ڪيس مان نيڪالي ڏني وئي ھئي جنھن بعد فرسٽ سول جوڊيشنل معجسٽريٽ ٺري ميرواھ  آڏو نينگر معراج شر جي ماءُ حليما شر پاران درخواست ڏني ته ساڳئي ڳوٺ جاڙو ملاح جي رھواسين اڪرم شر، واحد بخش، ھادي بخش ۽ سانول شر کي قتل ڪيس ۾ شامل ڪري نينگر جي قبرڪُشائي ڪئي وڃي ماءُ جي اھڙي ڏنل درخواست کي ڪورٽ سڳوري منظور ڪري ماءُ پاران ڏنل جوابدارن کي ڪيس ۾ شامل ڪري نينگر جي قبرڪُشائي ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو جنھن بعد اڄ فرسٽ سول جوڊيشنل معجسٽريٽ ٺري ميرواھ جي زيرنگراني ۾ غلام محمد مھر ميڊيڪل سينٽر سکر ڪورٽ ڪيسسز جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر محمد ياسين جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم ڳوٺ جاڙو ملاح ۾ پُھچي معصوم نينگر معراج ولد مُحمد علي شر جي قبر ڪُشائي ڪري جزا وٺي پاڻ سان گڏکڻي وئي جنهن کي ليباٽري مان ٽيسٽ ڪرايوويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.