مدئجي ۽ ڀرپاسي ماڪڙ جا ڪٽڪ پهتل، فصل کائي چٽ

مدئجي (ن ع آ)  مدئجي ۽ آسپاس جي ڪچي توڙي پڪي جي علائقن ۾ ماڪڙ ديرا ڄمائي ڇڏيا،ماڪڙ شهر ۽ آسپاس جي علائقن توربند,مرزاپور,جمالپور,آدمجي,انڙڳوٺ,ڊرگهپور,ڳوٺ خدابخش بروهي,آرائين,نبي آباد سميت مختلف علائقن ۾ لکن جي تعداد ۾ پهتل ماڪڙ آبادگارن جون ننڊو ڦٽائي ڇڏيون آهن,ڳوٺاڻان ماڪڙ کي ڀڄائڻ لاء مختلف طريقا استعمال ڪرڻ باوجود ماڪڙ ديرن ڄمائي ورتا آهن، ماڪڙ ترن,, سرنهن, ڪيلا,انب,اسٽرابيري,ڪريلا,توري,ڀينڊي سميت سارين جو پوکيل ٻيجارو کائي ناس ڪري ڇڏيا، جنهن ڪري آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان سبب سندن ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آهن، ان حوالي سان آبادگارن برڪت مڱريو، بخشيل، حامد سهتو، نظام ڪلهوڙو، خيرمحمد ۽ ٻين دانهيندي چيوته لکن جي تعداد ۾ پهتل ماڪڙ فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيا آهن،  سارين جي پوکائي لاء پوکيل ٻيجارو ٻيو دفعو پوکيو آهي پر ماڪڙ کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب اسان کي لکين روپين جو نقصان پهتو آهي،  هنن چيو ته شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي ماڪڙ مار ڦوهارو ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.