شاهپور جهانيان لڳ فيڪٽري کي باهه، لکين رپين جو ڪاٺ سڙي ويو

شاهپورجهانيان ( ن ع آ ) ڀرسان آڌي رات جو مٽي جي تيز طوفاني هوائن دوران بجلي جي تارن مان النور بورڊ فيڪٽري ۾ ڪاٺ جي گدام جي هڪ حصي کي اوچتو باھ لڳي وئي، جنهن سبب گدام ۾ پيل لکين روپين جو ڪاٺ سڙي ويو.جڏهن ته باھ وسائڻ لاءِ  فيڪٽري انتظاميا پاران سائرن وڄائي ۽ مسجدن ۾ اعلان ڪري ماڻھن کي باھ وسائڻ واري مدد لاءِ گهرايو ويو، جنهن بعد سوين مقامي ماڻھن،فئڪٽري جي ملازمن توڙي مختلف شھرن مان گهرايل فائر برگيڊ جي گاڏين ٽن ڪلاڪن جي امدادي ڪاروين بعد باھ تي ضابطو آڻي گدام ۾ وڌيڪ پيل ڪروڙين روپين جي ڪاٺ کي سڙڻ کان بچائي ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.