ساماري ۾ خوراڪ کاتي جا ڇاپا، 8 هزار ڪڻڪ جا ڪٽا هٿ، 11 گودام سيل

سامارو (رپورٽ: ڪيول سورماڻي) فوڊ کاتي پاران ساماري تعلقي جي مختلف ڪڻڪ جي خريداري سينٽرن تي مقرر ٽارگيٽ پورو نه ٿيو، جنهن ڪري ڊي سي عمرڪوٽ سخت نوٽيس وٺندي ٽارگيٽ پورو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي، جنهن بعد   اسسٽنٽ ڪمشنر  سامارو جهامن داس سوني ۽ فوڊ انسپڪٽر افتخار آرائين  جي اڳواڻي ۾  پوليس سان گڏجي سامارو تعلقي  جي ڪڻڪ جي زخيره اندوزي ڪندڙ واپارين جي نجي گدامن ۽ اٽي جي چڪين تي اوچتا ڇاپا  هنيا، ان دوران 8000  هزار ڪڻڪ جا ڪٽا هٿ ڪيا ويا آھن، جڏھن غير قانوني طور تي ڪڻڪ جي زخيره اندوزي ڪرڻ تي 11 نجي گدام سيل ڪيا ويا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.