شادي پلي ۾ تيز هوا سبب فصلن کي نقصان، آبادگار پريشان

شادي پلي (ن ع  آ)  شادي پلي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گذريل ھڪ ھفتي کان تيز ھوائون لڳڻ سبب وڏي ايراضي تي پوکيل ووئنڻ ـ مڪئي ـ ڪمند سميت ڀاڄين جي فصل تي مٽي جي دز چڙھي وڃڻ ڪري فصل جي واڌ ويجھه گھٽجي وئي آھي،  جنھن ڪري آبادگار طبقو پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو آھي، ان ڏس ۾  آبادگارن چاڪر خان شر، عباس ھنڱورو، رجب علي شر ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ت تيز ھوائن تباھي مچائي ڇڏي آھي، گذريل ھڪ ھفتي کان تيز ھوا لڳڻ ڪري اسان جو وڏي ايراضي تي  پوکيل فصل مٽي سان لٽجي ويو آھي ۽ فصل جي واڌ ويجهھ پڻ گھٽجي وئي آھي، جنھنڪري  اسانجي پوکيل ووئنڻ ـ ڪمند ـ مڪئي ۽ ڀاڄين جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.