پيرڳوٺ ۾ماڪڙ ٽيون ڀيرو حملو، فصل چٽ

پيرجوڳوٺ(رپورٽ: علي گل جوڻيجو) پيرڳوٺ ۽ آس پاس وارن علائقن پريالوءِ، ڳاڙهي موري، الرا جاگير، فيض محمد ٻنڊو، ڪوٽ ميرمحمد، ڪي ٽي پيرصاحب پاڳارو، احمدپور، صدرجي ڀٽيون، جيئند خان جوڻيجو، گل حسن مڱڻيجو، سومر ملاح، منگھنواري ۽ ٻين علائقن ۾ ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي آهي مختلف فصل جوئر، وونئڻ، ڪرنگھ، ٻاجهري، مختلف ڀاڄيون توڙي انبن، ڪيلن ۽ کجين جا باغ کائي چٽ ڪري ڇڏيا آهن، اهڙي صورتحال ڪري آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان پيو آهي ۽ علائقي واسي سخت پريشان ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ آبادگارن عبدالقوي مڱڻيجو، حبيب الله جوڻيجو ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي آهي اسان جو لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، جڏهن ته لاڪ ڊائون هجڻ ۽ ماڪڙ جي تباهين باوجود اسان کان روينيو جا عملدار زبردستي زرعي وصوليون ڪري رهي آهي، نه ڏيڻ تي پوليس هٿان گرفتار ڪرائي پريشان ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.