نوري آباد ڀرسان روڊ حادثي ۾ شهدادپور واسي فوت

نوري آباد (ن ع آ) موٽروي تي لوڻي ڪوٽ ويجهو حيدرآباد ويندڙ روڊ تي ڪيري وين کي نامعلوم گاڏي جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ وين جو ڊرائيور شھداد پور واسي اقبال حسين خاصخيلي  سخت زخمي ٿي پيو، جنھن  کي سول  اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور ن سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

ٽنڊو باگو لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو زخمي

ٽنڊوباگو ( ت ر ) نندو ويجهو ڳوٺ حاجي محمد پريل بليدي ۾ بليدي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ ڪهاڙي لڳڻ ڪري هڪ ڄڻو محمد خان عرف پٽيل بليدي سخت زخمي ٿي پيو، زخمي کي تعلقا اسپتال ٽنڊوباگو آندو ويو، جتان زخمي کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد حيدرآباد موڪليو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته جهيڙي جي هرهڪ احمد خان، عرفان علي، فتح محمد، نثار احمد ۽ شفيق احمد تي ٽنڊوباگو ٿاڻي تي رپورٽ داخل، ٻئي طرف پوليس موجب آخري اطلاع تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.