پير وياجي خلاف پورهيت جو احتجاج

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرڳوٺ جي ڪوٽ دينل شاهه جي رهواسي پورهيت غلام نبي جوڻيجو پيرڳوٺ ۾ صحافين آڏو سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته بااثر ديوان گڊو مل وياج تي پئسا ڏئي ڪيترن ئي ماڻهن کي ذهني معذور بنائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته وياج جا پئسا نه ڏيندڙن کي پوليس هٿان گرفتار ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته ڄاڻايل وياج خور هن جو سون رکي هزارين روپيه وٺڻ باوجود سون به نه ٿو ڏئي ابتو هزارين روپيه گھري رهيو آهي، ٻي صورت ۾ ڌمڪيون ڏئي ٿو ته رکيل سون گم ڪرائڻ سان گڏ پوليس هٿان گرفتار ڪرائيندس. هن ايس ايس پي خيرپور گھر ڪئي ته ڄاڻايل وياج خور خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

ميهڙ واسي جو بااثر خلاف احتجاج

ميهڙ(ن ع آ) ميهڙ شھر جي ڀٽائي محلا جو رهواسي واپاري ڪاشف جهنڊير ميهڙ پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ميهڙ ڀرسان ڳوٺ گنجا جو رهواسي صدام ملاح ڏي منهنجا هڪ لک 20 هزار ۽ سيتا شھر جي رهواسي نثار ملاح ڏي منهنجا 32 هزار هئا جيڪي پئسا گهرڻ تان مون کي موتمار ۽ ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آھن، هن وڌيڪ چيو ته مان غريب مسڪين ۽ شريف ماڻھو آھيان ۽ جوابدار ڏوهاري قسم جا بااثر ماڻھو آھن، جيڪي پوليس کي رشوت ڏيڻ عيوض اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، هن وڌيڪ چيو ته جوابدار صدام ملاح ۽ نثار ملاح جو ويجهو رشتيدار اي ايس آء پريل ملاح جوابدارن کان رشوت وٺڻ عيوض مون کي بلا جواز تنگ ڪري رهيو آھي، هن آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اعلئ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي بااثر جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري مون کي تحفظ ڏيئي انصاف فراهم ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ عدالت جو در کڙڪايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.