فيصل واوڊا سنڌ ۾ گورنر راڄ ۽ حڪومت جي تبديلي جو امڪان رد ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آبي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته ڪرپشن ۾ ملوث پنهنجو هجي يا پرائو، ڪنهن کي نه ڇڏينداسين، سنڌ ۾ گورنر راڄ ۽ حڪومت جي تبديلي جو ڪو امڪان ناهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل واوڊا چيو ته سنڌ حڪومت جا وزير صبح شام پريس ڪانفرنس بدران جهاز حادثي ۾ فوتين جي لاشن جي سڃاڻپ ڪرائن، جلد سڃاڻپ ڪري مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويندا.

هن چيو ته سنڌ حڪومت 855 ڪروڙن جو راشن رات جي اونداهي ۾ ورهائي ڇڏيو، ڪرپشن ۾ ملوث پنهنجو هجي يا پرائو، ڪنهن کي نه ڇڏينداسين.

وفاقي وزير سنڌ ۾ گورنر راڄ ۽ حڪومت جي تبديلي جو امڪان رد ڪندي چيو ته ارڙهين ترميم سان ڪو مسئلو ناهي پر صوبي جي بهتري لاءِ هر قدم کڻنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.