پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن اسڪول کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پرائيويٽ اسڪولز مئنيجمينٽ ايسوسيئيشن (پسما) 15 جون کان اسڪول کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پرائيويٽ اسڪولز مئنيجمينٽ ايسوسيئيشن سنڌ جي چيئرمين شرف الزمان 15 جون کان اسڪول کولڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان فيصلي تي اٽل آهيون.

سندس چوڻ هو ته استادن کي احتياطي اپائن تحت شيڊيول ڏئي ڇڏيو آهي، اسان ٻن کان ٽن شفٽن ۾ اسڪول کولن لاءِ تيار آهيون.

ياد رهي ته سنڌ جو تعليم وارو وزير سعيد غني واضح ڪري چڪو آهي ته گهڻي عرصي کان اسڪول بند آهن پر في الحال اسڪول کولڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.