آمريڪا ڊبليو ايڇ او جي هر قسم جي مدد بند ڪري ڇڏي

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صحت جي عالمي اداري لاءِ هر قسم جي مدد روڪڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر الزام هنيو ته عالمي وبا جي پکيڙ جي روڪٿام لاءِ ان اداري اڻپورا قدم کنيا، ان سان گڏوگڏ هن اهو به الزام هنيو ته چين ان معاملي تي دنيا کي گمراهه ڪيو.

آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته هاڻ ڊبليو ايڇ او کي ڏيندڙ امداد عالمي سطح تي صحت جي شعبي ۾ ضرورتمندن تائين ٻين طريقن سان استعمال ڪئي ويندي پر هن ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل نه ڏنا.

هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته آمريڪا صحت جي عالمي اداري کي سيڙپڪاري فراهم ڪندڙ سڀ کان اهم ملڪ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.