اٽي ۽ کنڊ بحران تي هٽايل وفاقي فوڊ سيڪريٽري هاشم پوپلزئي ايم ڊي پيپرا مقرر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اٽي ۽ کنڊ بحران تي هٽايل وفاقي سيڪيورٽي فوڊ هاشم پوپلزئي کي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگوليٽري اٿارٽي (پيپرا) مقرر ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب وفاقي ڪابينا سرڪوليشن ذريعي هاشم پوپلزئي کي ايم ڊي پيپرا مقرر ڪرڻ جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻو فوڊ سيڪريٽري ايندڙ سال رٽائر ٿي رهيو آهي ۽ کيس اڄ رٽائرمينٽ کان اڳ ئي 3 سالن لاءِ ايم ڊي پيپرا لڳائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.