کپرو: جڙتو مقابلا، وڏي وزير جي نوٽيس بعد مقتولن جي وارثن جا بيان قلمبند

عوامي آواز رپورٽ
کپرو: جڙتو مقابلا، وڏي وزير جي نوٽيس بعد مقتولن جي وارثن جا بيان قلمبند
عوامي آواز رپورٽ کپرو: جڙتو مقابلا، وڏي وزير جي نوٽيس بعد مقتولن جي وارثن جا بيان قلمبند

پوليس پاران مبينه جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪيل علي حيدر رونجهو ۽ سومار مهر جي  قتل تي سنڌ جي وڏي وزير  جي نوٽس بعد جاچ ڪميٽي پاران وارثن جا بيان قلمبند ڪيا ويا

سانگهڙ پوليس پاران پيرومل ٿاڻي جي حد ۾ جڙتو پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيل علي حيدر رونجهو ۽ جهول ٿاڻي جي حد ۾ قتل ڪيل سومار مهر جي  قتل تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران نوٽس وٺي ڊي آءِ جي  ميرپورخاص ذوالفقار لاڙڪ جي اڳواڻي ۾ جاچ ڪاميٽي جوڙي وئي هئي جيڪا ڊي آئي جي ميرپورخاص ذوالفقار لاڙڪ،  ايس ايس پي مٺي عبدالله احمد، اسٽنٽ ڪمشنر ميرپورخاص عطاﷲ شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ کپرو پهتي جتي ڊي ايس پي آفيس ۾ مقتولن جي وارثن جا بيان  قلم بند ڪيا ويا

ان موقعي تي ڪميٽي جي سربراهه ڊي آئي جي ميرپور خاص چيو ته جاچ شفاف نموني ڪئي ويندي ۽ اصل حقيقتن تائين پهچي واقعي ۾ ملوث سمورن قردارن کي وائکو ڪيو ويندو ……..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.