گھوٽڪي: ڪوڙا ڊوميسائل ٺاهيندڙ ڌاڙيلن کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن: سردار محمد بخش خان مهر

عوامي آواز رپورٽ
گھوٽڪي: ڪوڙا ڊوميسائل ٺاهيندڙ ڌاڙيلن کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن: سردار محمد بخش خان مهر
عوامي آواز رپورٽ گھوٽڪي: ڪوڙا ڊوميسائل ٺاهيندڙ ڌاڙيلن کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن: سردار محمد بخش خان مهر

پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر چيو آهي ته ڌارين جا ڪورا ڊوميسائل ٺاهيندڙ ڌاڙيلن کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن جيڪي سنڌ جي نوجوانن جا حق ٻين کي ڏيئي ڏوهه ڪري رهيا آھن

خانڳڙھ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي تڪ جي ماڻهن سان ملاقات ڪندي سردار محمد بخش خان مهر جو چوڻ ھو ته مختلف کاتن جي ملازمن ۽ آفيسرن جي ملي ڀڳت سبب سنڌ جو نوجوان کي پنهنجي صوبي اندر بنيادي نوڪري واري حق کان به محروم ڪيو پيو وڃي جيڪو برداشت جوڳو عمل ناهي، پ پ  ايم اين اي وڌيڪ چيو ته گهوٽڪي ضلعي جي صنعتي ادارن ۾ مقامي ماڻھن کي نظرانداز ڪرڻ واري پاليسي کانسواءِ هاڻي کانئن سنڌ جي ڊوميسائيل بابت به سخت پڇاڻو ڪيو ويندو ۽ سندن خلاف اعلانيل ڌرڻو ڪورونا ڪيسز ۾ گهٽتائي کانپوءِ هنيو ويندو

ٻئي پاسي پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر  ايس پي گهوٽڪي فرخ لنجار سان ملاقات ڪري ضلعي اندر وڌندڙ بدامني تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو ته بنا ڪنهن فرق جي اغوا ٿيل ماڻھو بازياب ڪرايا وڃن  …

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.