ڄامشورو: سنڌ ۾ ڌارين کي ڊوميسائل جاري ڪرڻ خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
ڄامشورو: سنڌ ۾ ڌارين کي ڊوميسائل جاري ڪرڻ خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ ڄامشورو: سنڌ ۾ ڌارين کي ڊوميسائل جاري ڪرڻ خلاف احتجاج

ڄامشوري ۾ نوجوان سجاڳ تحريڪ پاران سنڌ ۾ ڌارين کي ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ڄامشورو ۾ نوجوان سجاڳ تحريڪ طرفان سنڌ ۾ ڌارين کي ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف سنڌ يونيورسٽي ريلوي اسٽيشن کان ريلي ڪڍي شھر جي مک بازار کان ٿيندي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ نوجوانن رضوان چانڊيو، رضوان ڏاھاڻي، دائود پنھيار ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته سڄي سنڌ ۾ ڌارين ۽ ٻين صوبن جي ماڻھن کي جعلي ڊوميسائيل ٺاھي ڏنا پيا وڃن جنھن سان سنڌي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي

هنن مطالبو ڪيو آهي ته ڌارين کي جاري ڪيل ڊوميسائيل فوري طور رد ڪيا وڃن نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.