قمبر ۾ پ پ ش ڀ جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

قمبر (ڊ ر)  قمبر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو سٽي طرفان قمبر سٽي ٿاڻي جي پوليس انچارج  جي شھر اندر ناجائزن خلاف علامتي بک ھڙتال ڪئي، بک ھڙتال تي ويٺل  اڳواڻن محمد جان بروھي،نواب الدين چانڊيو، ڪامريڊ شوڪت چانڊيو، اياز ميرجت، وقار شابراڻي، زاهد بروهي، لالا بشير کوسو، طفيل سانگاھ ٻين  ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ٽي مھينا اڳ اسان جي پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ طفيل سانگاھ جي موٽرسائيڪل چوري ٿي وئي ھئي، اھا ھن وقت تائين واپس نه ملي نه ئي  ڪيس داخل ٿيو آھي، گذريل ڏينهن ھڪ شريف شھري دڪانداراستاد نظام الدين وڌو کي بنا جواز دڪان تان  گرفتار ڪري ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي، اسان اھڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، هنن  ايس ايس قمبر کان مطالبو ڪيو ته   پرائمري استاد نظام الدين وڌو تي ڪوڙو ڪيس داخل ختم ڪيو وڃي، اڳواڻن وڌيڪ مطالبو ڪندي چيو ته چوري ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.