چوهڙجمالي ۾ ڊرينيج جو مسئلو حل نه ٿيو، رهواسين جو احتجاج، ڌرڻو

چوهڙجمالي (ن ع آ) چوهڙجمالي شهر ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان ڊرينيج جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي شهر جي گٽرن جو گندو پاڻي  نيڪال نه ٿيڻ ڪري گندو پاڻي روڊ رستن گلين بعد آبادين ۾ ڪاهي پيو آهي جنهن خلاف ٽائون ڪميٽي جي وارڊ پنج جي رهواسين ڪائونسلر علي غلام سمون مجيد ملاح ۽ بچو سمون جي اڳواڻي ۾ شاه بندر چوڪ تي باب بينظير اڳيان سجاول -چوهڙجمالي روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين علي غلام سمون بچو سمون مجيد ملاح ۽ ٻين   چيو ته گذريل ٻن مهينن کان گٽرن جو گندو پاڻي سندن آبادي ۽ گهرن جو رخ ڪيو آهي جنهن ڪري مڇرن زهريلن جيتن جو آزار وڌي ويو آهي اسان بار بار  ڊي سي سجاول ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي سميت ٽائون جي عملدارن کي آگاھ ڪيو آهي پر ڪير به ٻڌڻ لاء تيار نه آهي، هن وقت گٽرن جو گندو پاڻي تلاء جي صورت ۾ موجود آهي، جنهن جي وچ مان اسان رهواسين جو گذرڻ ٿئي ٿو،جنهن سبب اسان جا معصوم ٻارڙا توڙي عورتون مرد خارش الرجي سميت ٻين ڪيترن ئي مرضن ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته  نوٽيس وٺي گندو پاڻي نيڪال ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.