چيئرمين اصغر شاهه سبزي منڊي جي قبضي ۾ ملوث آهي: سي ايم او جو الزام

گهوٽڪي ( ڊ ر) گهوٽڪي جي پراڻي سبزي منڊي جي 52 دڪانن تي  وڪيلن طرفان آفيسون ٺاهيون ويون هيون انهن خلاف انتظاميا آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ،پر وڪيلن پاران عدالت ۾ درخواستون داخل ڪرڻ کان پوءِ 4 جون تائين اسٽي آڊر مليل هو ،ميونسپل ڪاميٽي جي سي ايم او سيد نادر شاھ امروٽي الزام مڙهيو آهي ته ميونسپل چيئرمين سيد اصغر شاھ گيلاني سبزي منڊي جي قبضي جي معاملي ۾ هڪ سو سيڪڙو ملوث آهي، هن اها به دعوي ڪئي آهي ته جيڪو ٽي جون تي ڪورٽ جي هڪ ڏينهن جي ٻڌڻي کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ ڪائونسل جو اجلاس گهرايو ويو آهي اهو به غير قانوني آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪو معاملو ڪورٽ ۾ هلندڙ هوندو آهي ته ان تي ڪنهن به قسم جو اجلاس يا بحث مباحثو نٿو ڪري سگهجي، ان چيو ته سيد اصغر شاھ جي ماڻهن سان ڏي وٺ جي بنياد تي ڊيل ٿيل آهي سي ايم او نادر شاھ امروٽي الزام مڙهيو آهي ته چيئرمين  سيد اصغر شاھ گيلاني مسلسل ان مسئلي کي نظر انداز ڪندو رهيو آهي ڪائونسل پاڻ گذريل سيشن ۾ سبزي منڊي کي غير قانوني قرار ڏنو هو وري هينئر ساڳي ڪائونسل ان قبضي کي ليگل قرار ڏيئي قبضا ڪرڻ جي اجازت ڏيئي رهي آهي، تنهنڪري ان لاڳاپيل اٿارٽيز ۽  گهوٽڪي جي شهرين کي اها اپيل ڪئي ته ان معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ گڏوگڏ ان اهو به چيو ته چيئرمين جي طرفان ان مسئلي تي جيڪي به بي قائدگيون ٿيون آهن ان خلاف به ڪاروائي ڪئي وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.