سرڪار هٿ وٺي سنڌ جي زراعت تباهه پئي ڪري: دلدار لغاري

جهڏو (ت ر) سرڪار ھٿ وٺي سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪري رھي آھي، گذريل ھڪ سال کان مڪڙن جي سنڌ تي يلغار آھي پر سرڪار آنھن کي ختم ڪرڻ لاءِ  ڪوبه مناسب قدم نه کنيو آھي، الٽو مڪڙن جي نالي ۾ اربين روپيا ھڙپ ڪري ڇڏيا آھن،  ھاري آبادگار ڪنگال ٿي ويا آھن، انھن جا ڪروڙن جا فصل مڪڙن کائي چٽ ڪري ڇڏيا آھن جنھن سبب ايندڙ سال سنڌ ۾ اناج جي کوٽ وڏي پئماني تي ٿيندي، اھڙن خيالن جو اظھار سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري جھڏو ۾ ھاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو، ھن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياهه  تي ناجائز ڊئم اڏيا پيا وڃن، سنڌ جي واھن شاخن ۾ واري پئي اڏامي پنجاب سرڪار مسلسل سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رھي آھي، جنھن سبب سنڌ رڻ پٽ ٿيندي پئي وڇي، هن چيو ته سنڌوءَ تي ڊيم اڏڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته   چشما جھلم لنڪ ڪئنال ٿل ڪئنال تونسا پنجنند لنڪ ڪئنال فورن بند ڪري ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي، نقلي زرعي دوائون بند ڪري ھارين ۽ آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته نصير چابڊيو سميت پوليس ھٿان مارجي ويل نوجوانن سان انصاف ڪيو وڃي.  ڪانفرنس کي رمضان ڪلوئي اشرف رند محب ڀيل رامجي ڪولھي ممتاز کوسو پرڀو ڪولھي پڻ خطاب ڪيو. ڪانفرنس ۾ تعلقي جھڏو جي باڊي چونڊي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.