سنڌ ۾ تعليمي ادارا جيئن جو تيئن بند رکڻ جو اعلان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي بگڙجندڙ صورتحال کي ڏسندي صوبي ۾ پهرين جون کان اسڪولن سميت سمورا تعليمي ادارا نه کولڻ جو اعلان ڪيو آهي.

سنڌ حڪومت طرفان جاري پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته 12 مئي تي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ ڪورونا وبا کي نظر ۾ رکندي نجي ۽ سرڪاري تعليمي ادارن کي کولڻ جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي.

اجلاس کانپوءِ تعليم کاتي اعلان ڪيو ته اسڪولن سميت سمورا تعليمي ادارا جيئن جو تيئن بند  رهندا ۽ پهرين جون کان نه کلندا،  اسڪول کولڻ جي حوالي سان تاريخ جو اعلان صورتحال کي ڏسي ڪيو ويندو.

پڌرائيءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پهرين کان اٺين درجي تائين شاگردن کي ايندڙ جماعتن ۾ ترقي ڏني وئي آهي، صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن ۽ فوتگين کي نظر ۾ رکندي اسڪول بند رکڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.