پنو عاقل لڳ مهيسرو واهه ۾ نينگر ٻڏي فوت، لاش هٿ

پنوعاقل ( ت ر ) پنوعاقل لڳ مھيسرو واھ ۾ 15 سالن جو نينگر  ونجھندي ٻوڏي فوت ٿي ويو،ڳاڙھڪو لڳ واھ ۾ ونجھندي جاويد علي ولد منور ميراڻي عمر 15 سال جئين ئي واھ ۾ لٿو ته اڻ تارو ھجڻ ڪري وڏي پاڻيءَ ۾ ٻوڏي فوت ٿي ويو،ڳوٺاڻن ھمٿ ڪري نينگر جو لاش ڪڍي ورتو،جنھن جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.