چونڊڪي ڀرسان ٻن ٻارن جي ماءُ آپگهات ڪري ڇڏيو

نارو (ت ر)سوراهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ ارشاد ڀرڳڙي ۾ ٻن ٻارن جي ماءُ مسمات (ن) گهرو اڻبڻت تان پنهنجي پاڻ تي پسٽل جا فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيوآھي آپگهات ڪندڙ عورت جو لاش سوراه پوليس چونڊڪو اسپتال کڻائي آئي پر ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري خيرپور اسپتال مان پوسٽ ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آھي جنهن بعد عورت جي ڳوٺ ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد آبائي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آھي، عورت جي وارثن موجب عورت خود ڪشي ڪئي آھي جڏهن ته سوراه پوليس موجب پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ئي تصديق ڪري سگهجي ٿي عورت تي پسٽل جوفائر ٿيل هو آخري اطلاعن تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.