گهوٽڪي لڳ ٻار مٿان ڪتن جي بڇ ڪندڙ وڏيري خلاف احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي قادر پور ويجھو ڳوٺ ڇتو ميراڻي جي رھواسي معصوم ٻار مٿان ڪتن جي بڇ ڪندڙ وڏيري ۽ ان جي پٽن خلاف زخمي ٻار جي وارثن شوڪت ميراڻي، غلام نبي، محمد بچل، حاڪم علي ۽ دلدار ميراڻي احتجاجي مظاھرو ڪري ميڊيا سامھون دانھيندي چيو ته بااثر وڏيري محمد صالح ميراڻي ۽ ان جي پٽن صدام ميراڻي، لعل بخش، پيربخش، مير محمد، خادم، مير خان ۽ ٻين ڪتن جي بڇ ڪرائي آھي، جنھن سبب  اسان جي معصوم ٻار رفيق احمد پٽ الهجوايو ميراڻي کي ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو آھي، جنھن سبب اسان جي ٻار جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي، زخمي ٻار جي وارثن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي گھوٽڪي، انساني حقوق وارين تنظيمن توڙي ٻين کان مطالبو ڪيو ته انھي بااثر وڏيري ۽ انھي جي پٽن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري گرفتار ڪيو وڃي ۽  اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.