سنڌوءَ تي ڪوبه ڊيم، بئراج يا ڪينال قبول ناهي:نواز زئور عبدالله مرگهر

جاتي (ن ع آ) جيئي سنڌ لبرل فرنٽ جي سربراهه نواز خان زئور ۽ لاڙ جي ڊيلٽائي مسئلن جي ڄاڻو عبدالله مُرگھر جاتي ۾ پريس ڪانفرنس کي  خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌو درياهه تي اسان کي ڪوبه ڊيم، بئراج يا ڪئنال قبول ناهي، وفاق پنجاب جي مفادن جي ترجماني ڪري رهيو آھي، ان ڪري سنڌو دريا ۽ سندس ڀرتو ندين تي نوان ڊيم ٺاهي رهيو آھي. ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم سميت سنڌو درياهه ۽ ان جي ڀرتو درياهن تي ڪوبه ڊيم، بئراج يا ڪئنال ٺاهڻ سنڌو درياهه جو وجود ختم ڪرڻ جي برابر آهي.هنن چيو ته   جيڪڏهن نوان ڊيم، بئراج ۽ ڪئنال ٺاهڻ جون رٿائون ختم نه ڪيون ويون ته ڏکڻ سنڌ جي زميني بيهڪ ۽ جاگرافي ختم ٿي ويندي،  نواز خان زئور ۽ عبدالله مرگھر چيو ته ڊيم ترقي بدران تباهي آڻيندا.  ڀاشا ڊيم ۽ سنڌ بئراج سميت سنڌو درياهه تي پاڻي جي ذخيرن جون سموريون رٿائون رد ڪيون وڃن.هنن چيو  ته  اهڙي عمل خلاف اسان ڊگھي جدوجهد ڪنداسين، جيئن ڪالاباغ ڊيم کي جدوجهد وسيلي ٺهڻ نه ڏنوسين، ٻئي پاسي هنن اڳواڻن مطالبو ڪيو ته جاتي جي سماجي اڳواڻ احمد عجيب جت جي پٽ جي قاتلن کي ڳولي گرفتار ڪري مقتول جي پونئيرن کي انصاف ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.