شڪارپور ڀرسان جھيڙي ۾ زخمي ٿيل چڱي مڙس دم ڏئي ڇڏيو، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

شڪارپور (رپورٽ: ذوالفقارمگسي) شڪارپور جي مرزاپور ڀرسان ڪچي واري علائقي 20 ميل ٿاڻي جي حد ڳوٺ مٺل مڱڻيجو ۾ مڱڻيجا برادري  جي راڻو مڱڻيجو ۽ اڪ مڱڻيجو جي ڌرين ۾ 16 ڏينهن اڳ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيڻ کانپوءِ 2 ڏينهن اڳ فوت ٿيل چڱي مڙس 70 ورهين جي  اڪ مڱڻيجو جي لاش جو پوليس پاران پوسٽ ڪرائڻ کان انڪار ڪرڻ تي سندس وارث عورتن ۽ مردن پاران ڊاٽسن ذريعي لاش شڪارپور کڻي اچي ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي مقتول جي وارثن محمد مٺل مڱڻيجو،مسمات سڪينا،مائي عنايت خاتون ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جو پنهنجي برادري سان سڱاوتي تڪرار هلندڙ هيو، جنهن تان   هٿياربندن چڱي مڙس مٿان حملو ڪري گوليون ھڻي فرار ٿي ويا ھئا، جيڪو ڪالھ فوت ٿيو آھي جنهن جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ وياسين ته پوليس ليٽر ڏيڻ کان انڪار ڪيو، هنن چيو ته جيسيتائين لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويندو تيسيتائين ڌرڻو جاري رهندو، جنهن کانپوءِ ايس ايس پي شڪارپور جي هدايت تي ڊي آءِ بي انچارج شاھ جهان شاھ ۽ ايس ايڇ او نيوفوجداري صدورو لاشاري مظاهرين سان ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو،هوڏانهن لاش جو لکي غلام شاھ اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.