سکر ۾ون ويلنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائيون، ڪيترائي نوجوان گرفتار

سکر (رپورٽ : شفيع محمد ابڙو) گذريل ڏينهن لانچ موڙ چوڪي جي انچارج انعام علي عباسي جي نگراني ۾ شهرين جي شڪايت تي لب مهراڻ روڊ، بندر روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ ون ويلنگ ڪري عوام کي خطري ۾ وجھندڙ اوباش نوجوانن خلاف سخت ڪاروائي ڪندي 100 کان وڌيڪ اوباش نوجوانن کي گرفتار ڪيو ويو جن کي قبضي مان نه ته شناختي ڪارڊ هٿ آيو ۽ نه ئي ڊائيونگ لائيسينس هٿ آهي، جنهن تي پوليس اوباش نوجوانن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي ڪيس داخل ڪيو آهي، پوليس جي اهڙي عمل کي شهرين پاران سارهايو ويو ۽ پوليس کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو.

لکي ۾ شرپسند ڪڻڪ جا 4 ديرا ساڙي فرار، پوليس ننڊ

لکي غلام شاھ (ت ر)  رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻورڙي ڀرسان مبينا طور منٿلي گهرڻ تان سيٺار ۽  جتوئي برادري وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي  ڇڪتاڻ سبب ٿريشر لڳڻ کان رهجي ويل ڪڻڪ جي چئن ديرن کي نامعلوم شرپسندن باھ ڏيئي ڇڏي .پوليس ۽ سيٺار برادري جي ماڻھن جي پهچڻ کان اڳ چئن ديرن ۾ پيل سوين مڻ اناج ۽ هزار مڻ کان وڌيڪ بھ سڙي رک ٿي ويو .سيٺار برادري جي شھزادو سيٺار.غلام سرور سيٺار .لياقت علي عزيز سيٺار ۽ ٻين دانهون ڪيون ته اسان سان ظلم ٿيو آھي ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪرائي  هڪ ڪروڙ روپين جو نقصان ڪيو ويو آھي. ٻئي طرف ايس ايڇ او رستم عاشق علي ابڙو جي اڳواڻي ۾ رستم پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نقصان جو جائزو ورتو .آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي

افغان حڪومت جو وڌيڪ 900 طالبان قيدي رها ڪرڻ جو اعلان

ڪابل (م ڊ) افغان حڪومت وڌيڪ 900 طالبان قيدي رها ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.طالبان عيد جي موقعي تي 3 ڏينهن جنگبنديءَ جو اعلان ڪيو هو ۽ ان فائربندي جو وقت اڱاري جي رات ختم ٿي ويندو پر افغان حڪومت جو چوڻ آهي ته اها جنگبنديءَ ۾ واڌ لاءِ تيار آهي.افغان حڪومت وڌيڪ 900 طالبان قيدي رها ڪرڻ جي اعلان سان گڏوگڏ طالبان کي وڌيڪ ٽن ڏينهن لاءِ فائربندي جي اپيل پڻ ڪئي آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.