”سنڌو درياهه تي ڊيم اڏڻ نامنظور“ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي مظاهرو، بک هڙتال

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سنڌو درياهه تي ڊيم اڏڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ٽن ڪلاڪن تائين نٽهڻ اُس ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي جتي اڳواڻن “سنڌو درياهه تي ڊيم نامنظور”، “ڀاشا ڊيم نامنظور”، “سنڌ سڪائڻ بند ڪيو”، “ڊيم ٺاهڻ بند ڪيو” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا پڻ هنيا. جنهن ۾ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو، جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي اڳواڻ اطهر سومرو، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙو، بابو سومرو، فدا پنهور، سهيل ڀٽو، اسد مغيري، راڻو ڀٽو، فراز اوڍو، رڪ سنڌي، شيراز چانڊيو سميت سماجي ۽ قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو چيو ته 1860ع کان وٺي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو لڳندو پيو اچي ۽ 1991 ۾ زبردستي سنڌي ماڻهن تي پاڻي ٺاهه وارو معاهدو مڙهيو ويو. هن چيو ته سنڌو درياهه ۾ اڳ ئي پاڻي نه ٿو اچي جنهن ڪري بدين ۽ ٺٽي جي لکين ايڪڙ زمين درياهه ڳڙڪائي وئي آهي ۽ هر سال سنڌ جا آبادگار توڙي هاري پاڻي جي کوٽ جون دانهون ڪندا رهن ٿا پر ان جي باوجود سنڌو درياهه تي ڊيم ٺاهڻ جو شوشو ڇڏيو ويو آهي. هن چيو ته پوري دنيا وارن وڏن ڊيمن کي رد ڪري ڇڏيو آهي پر اسان وٽ ڊيم ٺاهڻ لاءِ کربين روپيا لڳايا پيا وڃن، سنڌو درياهه تي ڊيم ٺاهڻ سان سنڌي ماڻهن کان خودڪشيون ڪرائڻ جي هڪ سازش آهي جنهن سان لکين ايڪڙ زرعي زمين بنجر ٿيڻ سان گڏ فصل تباهه ٿي ويندا ۽ سنڌ ۾ زرعي تباهي ايندي. هن چيو ته شرعي ۽ قانون طور تي پڇڙي وارن جو پهريان پاڻي تي حق آهي پر ڊيم ٺاهڻ جي حوالي سان انهن آبادگارن ۽ هارين کان ڪنهن به قسم جي راءِ نه ورتي وئي آهي جنهن جا انتهائي خراب نتيجا نڪرندا. جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ اطهر سومري، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙو ۽ ٻين چيو ته 1859ع کان 1919ع تائين سنڌ واسين جي مرضي بنا سنڌو درياهه مان لڳ ڀڳ 11 ڪئنال ڪڍيا ويا جنهن ڪري سنڌو درياهه ۾ مسلسل پاڻي جي سخت کوٽ آهي ويتر هاڻي، اسان ڀاشا ڊيم ۽ ديا مير ڊيم سميت سنڌو درياھ تي ڪو به ڊيم ٺاهڻ واري عمل کي وري به رد ڪريون ٿا. هنن چيو ته سنڌ ۾ ڀاشا ڊيم ٺاهڻ سميت سنڌو درياهه تي ڊيم ٺاهڻ جو نئون سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، سنڌو درياهه جو پاڻي بند ڪري سنڌو کي هميشه سڪائڻ جي لاءِ ڊيم ٺاهيا پيا وڃن پر سنڌي ماڻهو ڪنهن به صورت ڊيم ٺاهڻ جي لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي مسلسل سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي قسم جون افواهون ۽ اعلان ڪري سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي پر هاڻي سنڌي ماڻهو باشعور ٿي ڊيم ٺاهڻ خلاف هر طرح جي جدوجهد جي لاءِ تيار آهن. هنن چيو ته سنڌ جي انڌي ۽ ٻوڙهي حڪومت ڊيم ٺاهڻ واري معاملي تي چپ ۽ خاموشي جو ڪردار ادا ڪري سهڪاري جو ڪردار ادا رهي آهي پر اسين سنڌ جي ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ جدوجهد جي شروعات ڪئي آهي ۽ هر ماڻهو تائين پنهنجي آواز کي پهچائي کين آگاهه ڪيو ويندو ته سنڌو درياهه تي ڊيم ٺاهڻ سان سنڌي ماڻهن کي ڪو به فائدو نه پهچندو. هنن چيو ته ڊيم سنڌي ماڻهن کي ٺاهڻ خلاف سنڌي ماڻهن کي سوشل ميڊيا تي آواز اٿارڻ سميت عملي جدوجهد ڪري احتجاج جي صورت ۾ گڏيل آواز اٿارڻ گهرجي جيڪڏهن ڊيم ٺاهڻ جو شوشو بند نه ڪيو ويو ته يوٿ ايڪشن ڪاميٽي طرفان سکر، بدين، حيدرآباد، ٺٽو ۽ بعد ۾ ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.