انصاف دايو جي گمشدگي کي 3 سال مڪمل، سڀاڻي آزادي لاءِ ڌرڻي جو اعلان

لاڙڪاڻو (پ ر) لاڙڪاڻي مان انصاف دايو گمشدگي 3 سال مڪمل، سڀاڻي کنڀيلن جي آزادي ڌرڻي جو اعلان، 29 مئي 2017 تي نظر پاڙي مان کنڀي گم ڪيلن انصاف دايو گهر ماتم متل آهي، جڏهن ته انصاف دايو جي وڇوڙي ۾ سندس امڙ روشن آرا ۽ ڀيڻ افسانا دايو مسلسل احتجاج ڪرڻ سبب بيمارٿي پيو آهن، ٻئي پاسي وائيس فار مسنگ پرسنز جي سڏ تي سڀاڻي لاڙڪاڻي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو  ويندو، انصاف دايوجي ڀيڻ اقصيٰ دايو، شاهد جوڻيجو جي وني شبانا جوڻيجو، ايوب ڪانڌڙو جي پٽ شاهد ايوب ڪانڌڙو، ڪاشف ٽڳڙ ڀاءٌ آڪاش ٽڳڙ، مرتضيٰ سولنگي جي پيرسن پيءَ پنهنجي وڊيو بيانن ۾ پنهنجي پيارن جي آزادي جي گهر ڪندي سياسي سماجي اڳواڻن، ساڃاهه وندن توڙي ذي شعور ماڻهن کي احتجاج ۾ شرڪت جي پڻ اپيل ڪئي آهي،اقصيٰ دايو چيوآهي ته سندس ڀاءٌ انصاف دايو کي 29 مئي تي 3 سال مڪمل ٿيندا، ڀاءُ جي جبري گمشدگي سبب سموري خاندان جو سک ڦٽيل آهي، اسان عدالتن جو به در کڙڪايو پر اڃا ڀاءُ جو ڪو به ڏس پتو ناهي پيو، اسان 3 ورهين کان مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون پرڪنهن به اسان نياڻين جي احتجاج جو نوٽيس ناهي ورتو، شبانا جوڻيجو، آڪاش ٽڳڙ، شاهد ايوب ۽ ٻين چيو ته اسين ورهين کان پنهنجين پيارن لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيون، اعليٰ اختيارين، عدالتن توڙي وس وارن اداين کي پڻ اپيلون ڪيون آهن پر ڪنهن به اسان جي پيارن جي آزادي لاءِ جوڳا قدم ناهن کنيا، اسين سڀاڻي سنڌ مان کنڀي گم ڪيل پيارن جي آزادي لاءِ وائيس فار مسنگ پرسنزسان گڏجي احتجاج ڪنداسين، هنن مطالبو ڪيو ته سندن پيارن فوري طور تي آزادي ڪيو وڃي.

کنڀيل شاگرد مهراڻ ميراڻي جي آزاديءَ لاءِ حيدرآباد ۾احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي پراڻي وحدت ڪالوني ڀرسان کنڀجي ويل شاگرد مهراڻ ميراڻي جي بازيابي لاءِ سندس وارثن ۽ دوستن حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج جو سلسلو جاري رکيو. ان دوران ڳالهائيندي مهراڻ جي امڙ سڪينا ۽ ڀاءُ شاهجهان ميراڻي ٻڌايو ته 5 مهينا اڳ مهراڻ ميراڻي کي وردي پهريل هٿياربند زبردستي کنڀي کڻي ويا هئا، جنهن جو هن وقت تائين ڪو به ڏس پتو ناهي مليو، هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪرڻ باوجود به اختياريون نوٽيس نه ٿيون وٺن، جنهن سبب مهراڻ جي گهر ڀاتين ۾ سخت مايوسي پکڙيل آهي. هنن چيو ته مهراڻ ميراڻي جو ڪنهن به سياسي جماعت سان تعلق ناهي، هو هڪ شاگرد آهي، ان مٿان ڪو ڪيس داخل ٿيل آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن گهر ڪئي ته مهراڻ کي ظاهر ڪرائي ان جي زندگي بچائي وڃي.17

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.