ٿر ۾سهولتن ۽ خوراڪ جي کوٽ، وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت

مٺي(بيوروچيف) مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي وڌيڪ 3 ٻارڙا زندگي جي  جنگ هارائي ويا،جن ۾ تازو فوت ٿيل ٻارڙن  ۾ الجي ڀيل،هرچند ڀيل ۽ جاويد ڏھوٽ جا  تازو ڄاول ٻارڙا شامل آھن،جنهن کانپوءِ هلندڙ مهيني فوتي ٻارن جو انگ 48 ۽ هلندڙ سال303  ٿي ويو آھي،جڏھن تہ مٺي سول اسپتال ۾ 50  کان به وڌيڪ ٻارڙا زير علاج آھن،ٻئي طرف ٿر جي اسپتال ۾ علاج جي سهولتن جي کوٽ برقرار ھجڻ سبب داخل ٻارڙن جا والدين پنهنجي پيارن جي علاج لاء انتهائي پريشان بڻيل آھن جڏھن تہ ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ علاج جي اڻپورين سهوليتن واري معاملي جو اختيارين نوٽيس نہ ورتو آھي جنهن ڪري پئدائشي طور  ڪمزور ٻارڙن جي  موت تي قابو پائڻ مشڪل بڻيل  ۽ صحت کاتي سان گڏ خوراڪ جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءُ ٿر ۾  ڪروڙين روپين جا پروجيڪٽس وٺي ويٺل اين جي اوز بہ پڇاڻي کان آجو آھن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.