ڪورونا مريضن کي زبردستي اسپتال منتقل ڪرڻ جو تاثر غلط آهي: مرتضيٰ وهاب

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪورونا مريضن کي زبردستي اسپتال منتقل ڪرڻ جو تاثر غلط آهي.

پنهنجي ويڊيو بيان ۾ مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته ڪورونا مريضن کي زبردستي اسپتال منتقل ڪرڻ جي تاثر تي وضاحت ضروري آهي ته جيئن شهري بنا خوف ٽيسٽون ڪرائن.

هن چيو ته ٽيسٽ هاڪاري اچي ۽ علامتون نه هجن ته مريض اي ڪيٽيگري ۾ ايندو آهي ۽ اي ڪيٽيگري واري مريض سان ڪا زبردستي ناهي ڪئي ويندي، ان حوالي سان سنڌ حڪومت طرفان ضابطا به جاري ڪيل آهن.

سندس چوڻ هو ته ٽيسٽ هاڪاري اچي ۽ علامتون نه هجن ته مريض پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري، شهري ڪورونا ٽيسٽ ڪرائڻ کان نه گهٻرائن، جيڪڏهن ڪورونا جون علامتون آهن ته صحت کاتي جي هيلپ لائن سان رابطو ڪيو وڃي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته صحت کاتي جي ٽيم گهر اچي مفت ۾ ڪورونا ٽيسٽ ڪندي ۽ ٽيسٽ هاڪاري اچڻ تي صحت کاتي جي ٽيم مريض جي رهنمائي به ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.