ڪراچي جي نجي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ ڪورونا وارڊ ڀرجي ويا، وڌيڪ مريض وٺڻ کان انڪار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي نجي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ ڪورونا وارڊ ڀرجي ويا.

صوبائي صحت کاتي موجب وارڊ مريضن سان ڀرجي وڃڻ سبب ڪيترين ئي نجي ۽ سرڪاري اسپتالن وڌيڪ ڪورونا جا مريض وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

جناح اسپتال اختيارين جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ ايڇ ڊي يو جي 19 بسترن تي مريض موجود آهي، جڏهن ته آءِ سي يو جي 17 بسترن تي به مريض موجود آهن.

شهر جي ٻي وڏي سرڪاري سول اسپتال ۾ به ڪورونا وارڊ مڪمل طور ڀرجي ويو آهي ۽ اسپتال ۾ رکيل 12 وينٽي ليٽرن تي به مريض موجود آهن.

نجي اسپتالن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته انڊس اسپتال جا سمورا 28 بسترا ۽ 15 وينٽ ڀرجي ويا آهن، جڏهن ته اوجها اسپتال جي سمورن 50 بيڊن ۽ 16 وينٽي ليٽرن تي مريض موجود آهن.

اهڙي ريت ضياءُ الدين اسپتال جي مخصوص 51 بيڊن ۽ 6 وينٽي ليٽرن تي به مريض موجود آهن.

آغا خان اسپتال ڪورونا جا وڌيڪ مريض وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان حوالي سان باقاعدي طور نوٽيس لڳايو ويو آهي.

صحت کاتي جي اختيارين چيو آهي ته مريضن جي انگ ۾ واڌ عيد جي موڪلن دوران لاڪ ڊائون ۾ نرمي سبب ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.