پائلٽ ايمرجنسي لينڊنگ جي ڪال نه ڪئي هئي: پي آءِ اي ترجمان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جي ترجمان عبدالله حفيظ چيو آهي ته هيل تائين جي اطلاعن موجب پائلٽ ايمرجنسي لينڊنگ جي ڪال نه ڪئي هئي، فلائٽ ڊيٽا ريڪارڊر ڊي ڪوڊ ڪرڻ جي ڪوشش جي ڳالهه غلط آهي.

ڪراچي ۾ جهاز حادثي جي حوالي سان خانگي ٽي وي چئنل جي خاص ٽرانسميشن ۾ خيالن جو اظهار ڪندي عبدالله حفيظ چيو ته جاچ ٽيم چئن ڏينهن کان حادثي واري هنڌ موجود آهي، شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن، ملبو کڻڻ جون ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جنهن کي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ منتقل ڪيو ويندو.

هن ٻڌايو ته هيل تائين جي اطلاعن موجب پائلٽ ايمرجنسي لينڊنگ جي ڪال نه ڪئي هئي، فلائٽ ڊيٽا ريڪارڊر ڊي ڪوڊ ڪرڻ جي ڪوشش جي ڳالهه غلط آهي.

پاڪستان ايئر لائنز پائلٽس ايسوسيئيشن (پالپا) جي ترجمان ڪيپٽن عمران ناريجي جو چوڻ هو ته جهڙي ريت جهاز جا پارٽ گم ٿيا، ان سان شڪ شبها پيدا ٿي رهيا آهن، اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن ته جهاز 250 ناٽ تي هو، اهڙيون اڳڪٿيون مان به ڪري سگهان ٿو.

هن چيو پهرين ڏينهن کان چيو هو ته جاچ بورڊ متوازن ناهي، جهاز جو اهم حصو گم ٿيڻ ڳڻتي جوڳو آهي، جاچ ۾ پالپا کي به شامل ڪيو وڃي.

ونگ ڪمانڊر (ر) نسيم احمد موقف اختيار ڪيو ته جهاز جي تباهي تي سياست ڪئي پئي وڃي، جاچ تي اعتراض نه ڪيا وڃن، انويسٽيگيشن ٽيم کي گهرجي ته ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول برقرار رکي، تڪڙ نه ڪري.

سندس چوڻ هو ته جهاز حادثي جي انويسٽيگيشن ۾ عالمي معيار موجب هڪ سال لڳندو آهي، تنهن ڪري جهاز حادثي جي انويسٽيگيشن جي عبوري رپورٽ شايع ٿيڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.