دنيا کي ڀارت جي قدمن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي: شاهه محمود قريشي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت جا ارادا سٺا نظر نه پيا اچن، ڀارتي قدمن سان خطي جي امن ۽ استحڪام کي سخت خطرا پيش اچي سگهن ٿا.

پنهنجي بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ڪنهن سان لڪل ناهي، دنيا کي ڀارت جي قدمن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، ڀارت غير قانوني قدمن سان والاريل ڪشمير کي پنهنجو حصو بڻائڻ ۽ ڪشميرين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڀارت افغانستان جي سرزمين کي پاڪستان خلاف استعمال ڪندو رهيو آهي ۽ بلوچستان ۾ ڀارت جي مداخلت رهي آهي، نيپال سان ڀارت جو جارحاڻو رويو سڀني جي سامهون آهي، جڏهن ته هو لداخ جي تڪراري علائقي ۾ پڻ ڇڪتاڻ وڌائي رهيو آهي، جنهن سان سڄي خطي جو امن ۽ استحڪام داءَ تي لڳي ويو آهي.

هن چيو ته چين سدائين بردباري جو مظاهرو ۽ امن جي ڳالهه ڪئي آهي، ڀارت ابتو چين کي ڏوهي قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڀارت سيڪيولرازم کي دفنائي ڇڏيو آهي ۽ هندوتوا سوچ کي هٿي ڏئي رهيو آهي.

پرڏيهي وزير موجب ڀارت جي معيشت ۽ اندروني حالتون خراب آهن، جنهن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اهو اهڙا حربا استعمال ڪري رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.